اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنج??ب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد محسن رضا نقوي کي پنج??ب جي نگران وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنج??ن ذميواريون آئين موجب احسن طريقي سان سرانجام ڏيندو ۽ اليڪشن جي عمل کي غيرجانبداراڻو ۽ شفاف بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردا?? ادا ڪندو.