اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور ۾ مس??د ۾ خودڪش ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عبادت دوران مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ اسلام، انسانيت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن، اهڙ??ون دهشتگرد ڪارروا??ون قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿ??ون ڪري سگهن، سموري پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مس??د ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ نمازين جي شهادت تي گهري ڏک ج?? اظهار ڪيو. صدر چيو ته سڄي پاڪستاني قوم دهشتگردن جي مڪمل ۽ حتمي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. دهشتگردي جي پاڙ کان خاتمي لاءِ گڏيل ۽ ڏورس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو نظرياتي بنياد ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀني مڪتبه فڪر کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسلام شهرين جي بي رحماڻي قتل ۽ خودڪش حملن جي اجازت بلڪل نه ٿو ڏي، اهڙ??ون دهشتگرد ڪارروا??ون اسلامي تعليم جي ابتڙ آهن. هن خودڪش حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي، حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.