انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني عوام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر زلزلي جي تباهين ۽ انساني جانين جي زيان جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي، ترڪيه ۾ زلزلي متاثر آخري شخص جي مڪمل بحالي تائين پاڪستان جي عوام سک سان نه وي??ندي جڏهن ته ترڪيه جي صدر رجب ط??ب اردوان پاڪستان پاران زلزلي متاثرين جي مدد تي ??زي??اعظم جا ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب ط??ب اردوان سان ملاقات ڪئي. انقره ۾ صدارتي ڪمپليڪس پهچڻ تي صدر رجب ط??ب اردوان ??زي??اعظم جو استقبال ڪيو. ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران ??زي??اعظم ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ هزارين قيمتي جانين جي زيان ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي نقصان تي ترڪيه جي صدر ۽ ترڪ قوم سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. 6 فيبروري تي ترڪيه جي مختلف علائقن کي ان تباهي آڻيندڙ زلزلي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ياد ڪندي ??زي??اعظم چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر انهن جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ان وقت تائين آرام سان نه وي??ندي جيستائين زلزلي کان متاثر علائقن ۾ آخري شخص جي مڪمل بحالي نٿي ٿي وڃي. صدر اردوان تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيءَ جي لاءِ پاڪستان جي ٺوس حمايت تي ??زي??اعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته پرعزم ترڪ قوم هن قدرتي آفت مان اڳ کان وڌيڪ طاقت ۽ عزم سان نڪرندي. ??زي??اعظم ترڪيه ۾ ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار لاءِ خصوصي طور تي ترڪيه جو دورو ڪري رهيو آهي. ??زي??اعظم زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي موجود پاڪستاني ريسڪيو ۽ ريڪوري ٽيمن سان ملاقات پڻ ڪندو. ??زي??اعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب، ??زي??اعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ آهن.