اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت انهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي تعليم ۽ تدريس، يونيو??سٽ?? آف لنڊن جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ??يري ستياسني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پروفيسر ??يري ستياسني يونيو??سٽ?? آف لنڊن جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم يونيو??سٽ?? آف لنڊن جي انهن قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومت ملڪ جي نوجوانن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت يونيو??سٽ??ن ۾ باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪري انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪري رهي آهي. پروفيسر ??يري ستياسني جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.