اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ڊي چوڪ تي ”يادگار دستور“ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ تقريب سومر تي ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت پارليامينٽ جي ميمبرن وڏي تعداد ۾ يادگار دستور جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته سي ڊي اي 14 آگسٽ 2023ع کان اڳ ڊي چوڪ ۾ يادگار دستور مڪمل ڪندي. هن چيو ته 10 اپريل 1973ع تي م??فقه آئين منظور ٿيڻ اهم قومي سنگ ميل آهي. اسلامي، وفاقي، پارلياماني ۽ جمهوري آئين جو خاڪو قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي پهرين تقرير ۾ ئي ڏئي ڇڏيو هو. هن چيو ته آئون س??جه??ن ٿو ته 14 آگسٽ 1947ع کانپوءِ 10 اپريل 1973ع سڀ کان اهم ڏينهن هو جڏهن متفقه آئين ٺهيو. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ دستور جي يادگار موجود آهي. ميان رضا رباني ۽ سندس پوري ڪميٽي کي م??ارڪون ڏيان ٿو جنهن يادگار جي تعمير جو فيصلو ڪيو. اميد آهي ته جلد ان يادگار کي مڪمل ڪيو ويندو. يادگار جي ڊزائين لاءِ سڄي ملڪ ۾ مقابلو ڪرايو ويندو ۽ آئين جي شاندار ڊزائين جي منظوري ڏني ويندي. شاهراهه دستور تي يادگار سان گڏ هڪ با?? به تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن سان شهرين کي تفريح به ميسر ايندي. اميد آهي ته يادگار دستور ۾ آئين تي صحيحون ڪندڙ تاريخي شخصيتن کي مناسب انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. اسپيڪر چيو ته يادگار جي ت??دس کي برقرار رکيو ويندو. اميد آهي ته سي ڊي اي ان طرف خاص ڌيان ڏيندي. هن سمورين سياسي پارٽين کي م??اطب ڪندي چيو ته اچو ته اسان سڀ سمورن اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجي م??سنن جو شڪريو ادا ڪريون. ان کانپوءِ اسپيڪر پارليامينٽ جي اڱڻ ۾ واقع يادگار شهيداءِ تي حاضري ڏني ۽ گل پيش ڪيا، بعد ۾ اسپيڪر ڊي چوڪ ۾ يادگار جي افتتاح طور تي با?? جو پهريون ٻوٽو به لڳايو. ان موقعي تي ملڪي ترقي، خوشحالي، آئين جي سربلندي ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ خصوصي دعا به ڪئي وئي. اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ 1973ع جي آئين جي منظوري سان لاڳاپيل تاريخي تصويرن تي ٻڌل ”تصويري نمائش“ جو افتتاح ڪيو.