اسلام آباد – 26 – ا??ري?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽي وي ڏسان ٿو ته مون کي دوستن جي سخت ڳالهه ٻولهه ٻڌي مايوسي ٿئي ٿي جيڪي هڪ ٻئي جي اندر رڳو عيب ۽ گندگي ڳولين ٿا، جهڙوڪ ٻين تي گند اڇلڻ ئي ڇوٽڪاري جو مختصر ترين رستو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته ان صورتحال ۾ مون کي شمس تبريز جي ياد اچي ٿي جنهن چيو: ”اصل گندگي اندر جي گندگي آهي. سطحي آلودگي آ??اني سان ڌوپجي وڃي ٿي. پر جنهن کي شفاف پاڻي سان به صاف نه ٿو ڪري سگهجي اهي آهن نفرت ۽ تعصب جيڪي روح کي ??هٽ??ا بڻائين ٿا. اسان پنهنجي جسم کي پرهيزگاري ۽ روزي سان پاڪ ته ڪري سگهون ٿا، پر رڳو محبت ۽ درگذر ئي اسان جي دلين کي پاڪ ڪري سگهن ٿا.“ صدر عارف علوي چيو ته الله کان دعا آهي ته هو اسان جي ان ڪم ۾ مدد ڪري.