اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وفاقي حڪومت معاشري جي سمورن طبقن خاص طور تي محروم طبقن سان ت??لق رک??دڙ ٻارن کي تع??يم جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ ۽ اها سهولت انهن جي درن ت??ئين پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي پهرين سال ۾ تع??يمي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ جدت رک??دڙ منصوبا متعارف ڪرائڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ تع??يمي لاڳت ۾ اضافي جي ڏس ۾ هن سال جي شروع ۾ ٻه جديد منصوبن ”اسڪولز آن ويلز“ ۽ ”پاڪستان ٽيلي اسڪول ايپ“ جي قيادت ڪئي. هن فيبروري ۾ پهرين مرحلي ۾ 8 بسن تي ٻڌل موبائيل اسڪولن جو منصوبو شروع ڪيو جيڪو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي علائقن جي ٻارن کي پرائمري سطح جي تع??يم فراهم ڪري رهيا آهن. گادي واري شهر جي مختلف جاين تي بيٺل اهي بسون ڪمپيوٽر، ڊيسڪ، وائٽ بورڊز، ايل سي ڊيز سان ليس آهن جيڪي استادن ۽ شاگردن کي مشغول ڪرڻ ۽ سيکارڻ جو ماحول فراهم ڪن ٿيون. وزيراعظم افتتاحي تقريب ۾ ٻارن کي قوم جي مستقبل جا معمار قرار ڏيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت نوجوان نسل کي وڌ کان وڌ تع??يمي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪندي رهندي. حڪومت پاران موبائيل اسڪولن جو منصوبو خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ خواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ سخت ۽ مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. اڳئين مرحلي ۾ بسن جو انگ وڌائڻ ۽ ان منصوبي کي آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ٻين حصن ت??ئين واڌ ڏيڻ جو منصوبو آهي. ان منصوبي سان نظرانداز ٿيل ۽ محروم ڪميونٽيز جي ٻارن کي پڙهيل لکيل ۽ وڌيڪ تع??لم ۽ ٽيڪنيڪي مهارت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ مدد ملندي. يونيسيف موجب پاڪستان ۾ 5 کان 16 سال جي عمر جا اٽڪل 22.8 ملين ٻار اسڪول نه وڃي رهيا آهن جيڪي ان عمر جي گروپ جي ڪل آبادي جو 44 سيڪڙو آهن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نئين مهارتن جي ذريعي انهن ت??ئين ت??ليم کي پهچ جوڳو بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٻارن جي گهرن ت??ئين ت??ليم پهچائڻ جي لاءِ مارچ ۾ وفاقي تع??يم واري وزارت پاران تيار ڪيل پاڪستان ٽيلي اسڪول ايپ جي شروعات ڪئي ۽ ان جا حوصلي جوڳا نتيجا نڪتا آهن. رڳو هڪ هفتي ۾ ايپلي ڪيشن کي 10000 ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو، 5500 جي داخلا ڪئي وئي ۽ 310 شهرن ۾ 17000 وڊيوز ڏٺيون ويون. ان منصوبي جو مقصد پهرين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس تائين جي شاگردن کي آن لائين ت??ليم فراهم ڪرڻ آهي. ٻارن کي تع??يم ڏيڻ جو هڪ ٻيو قدم کڻندي حڪومت 30 جون ت??ئين اسلام آباد گادي واري شهر جي علائقي ۾ اسڪول کان ٻاهر 70000 ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ياد رهي ته شهباز شريف بطور پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي دور ۾ اعليٰ تع??يم حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي اسڪم کي ڪاميابي سان عملي جامعو پارايو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم تع??يمي ادارن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ 100000 ليپ ٽاپ ورهائڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ڇو ته هو ان ڳالهه تي پڪو يقين رک?? ٿو ته نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جون جديد مهارتون ڏيڻ سکڻ جو رستو آهي. گذريل سال گرمي جي موسم ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ غيرمعمولي ٻوڏ تباهي مچائي وئي ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. ٻوڏ بلوچستان ۾ اسڪولن سميت اهم انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اسڪولن کي ٻيهر کولڻ جي فوري ضرورت کي نظر ۾ رک??دي وزيراعظم رهنمائي فراهم ڪئي ۽ جنوري ۾ بلوچستان جي علائقي صحبت پور ۾ هڪ سمارٽ اسڪول جو افتتاح ڪيو. ٻن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ ٺاهيل اهو اسڪول جديد ترين آءِ ٽي سهولتن سان ليس آهي. هن انهي علائقي ۾ ٻوڏ کان متاثر گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ڪلي جيا خان جي نئين عمارت جو پڻ ٻيهر افتتاح ڪيو. وفاقي حڪومت جي انهن اهم قدمن سان خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن ت??ئين ت??ليم جي آسان ۽ بهتر پهچ کي يقيني بڻايو پيو وڃي.