اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ملڪ لاءِ خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن کي ٽيليفون ڪري انهن س??ن افسوس جو اظ??ار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 28 اپريل تي لڪي مروت ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان فون تي ڳاله?? ٻولهه ڪئي. صدر نائب صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين جي پونئيرن سان ڳاله?? ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي فرض سان م??بت ۽ وطن سان محبت تي انهن کي سلام پيش ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي پونئيرن سان همدردي جو اظ??ار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.