اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري سان ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ ??ي اڳواڻن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب وفد جي قيادت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ ??و ڪنوينر محمود احمد ساغر ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بل??ول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت جي دوري دوران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ع??ام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي شڪار والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن اڻٿڪ حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.