اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ 15 جولاءِ ??ائين تماڪو ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ??هي ته ڪنهن کي به ??لڪي خزاني کي نقصان په??ائڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار احد خان چيما، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم ملڪ ۾ سگريٽ ۽ تماڪو مصنوعات جي غيرقانوني وڪري جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدمن جي هدايت ڪندي چيو ??ه اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم 15 جولاءِ ??ائين سگريٽ جي سمورن ڪارخانن ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي ته تماڪو جي غيرقانوني وڪري جي مڪمل روڪٿام ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ??ه اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري وارا سگريٽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي. هن چيو ??ه ڪنهن کي به ??لڪي خزاني کي نقصان په??ائڻ نه ڏينداسين.