اسلام آباد – 09 – جون (ا?? پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پ??وگرام (پي ايس ڊ?? پي) تحت مواصلات ڊويزن جي 3 جاري ۽ 3 نئين منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 360.390 ملين ??پي?? رکيا ويا آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن پي ايس ڊ?? پي جي جاري دستاويزن موجب مواصلات ڊويزن جي 3 جاري منصوبن جي لاءِ 184.290 ملين ??پي?? رکيا ويا آهن. جن ۾ ڪنسٽرڪشن ٽيڪنالاجي ٽريننگ انسٽيٽيوٽ (سي ٽي ٽي آئي) اسلام آباد ۾ 200 شاگردن جي لاءِ هاسٽل جي تعمير، رحيم ي??ر خان انٽرچينج ايم – 5 تي ايس ايس ٽي آفيس ۽ ٻين سهولتن جي تعمير، شير شاهه انٽرچينج ايم – 5 سيڪٽر 1 تي سهولتن جي تعمير جا منصوبا شامل آهن. 3 نئين منصوبن جي لاءِ 178.100 ملين ??پي?? رکيا ويا آهن. جن ۾ شيخوپوره انٽرچينج جي تعمير جي لاءِ 106 ڪينال 15 مرلا زمين جي خريداري جي لاءِ ٽانڪ پوسٽ ماسٽر جي رهائشگاهه ۽ ج?? پي او جي تعمير ۽ اي – 35 مانسهره جي لاء?? ايس ايس پي آفيس جي تعمير جا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن.