لاهور – 14 – جون (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڏينهن پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ چوڌري منظور احمد بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چوڌري منظور باغ اليڪشن ۾ فتح تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪ??اد ڏني. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بهترين اليڪشن مهم تي چوڌري منظور جي ڪوششن کي س??را??يو ۽ سمورن جيالن کي مبارڪ??اد ڏني. ملاقات ۾ ملڪي ۽ سياسي صورتحال، ايندڙ چونڊن، پنجاب ۾ پارٽي جي اڳتي جي حڪمت عملي ۽ ضلعي قصور جي سياست تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.