اسلام آباد_ 16 جون(اي پي پي) دفاع واري وفاقي ??زير خواجه محمد آصف بجيٽ تقرير ۾ استادن جي حوالي سان ??دا ڪيل لفظن تي معذرت ڪري ورتي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان ??ي ڪارروائي مان ??هي لفظ حذف ڪرائي ڇڏيا. اسيمبلي ۾ ذاتي وضاحت تي دفاع واري وفاقي ??زير خواجه محمد آصف چيو ته الله توهان کي محفوظ رکيو، الله تعاليٰ سدائين اوهان کي پنهنجي عافيت ۽ پناهه ۾ رکي، الله جو جيترو به شڪر ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون تقرير ڪئ?? هئي جنهن ۾ وائيس چانسلرز جي حوالي س??ن ڳالهه ڪئ?? هئي، وائيس چانسلرز اوهان کي منهنجي هڪ لفظ تي احتجاج ڪندي خط لکيو آهي، منهنجي درخواست آهي ته اهو لفظ ڪارروائي مان ??ذف ڪيو وڃي، مون کي پنهنجي ان لفظ تي افسوس آهي. آئون استادن جو دل سان ??حترام ڪريان ٿو. هُن منهنجي لفظ جي درست مذمت ڪئ?? آهي. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ سياست ٿي رهي آهي، اسان کي درسگاهن ۾ پنهنجي ٻارن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو، منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد ڪرپشن هو، ملڪ جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ ڪرپشن جي ڳالهه ڪئ?? هئي، جيڪڏهن استادن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت چاهيان ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مون اهو خط ميڊيا ۾ ڏٺو آهي، اڃان ??ائين منهنجي آڏو ناهي آيو، اوهان هڪ سينئر سياستدان ??هيو، اوهان ??و وڏپڻو آهي ته اوهان معذرت ڪئ??، استادن جو احترام اسان ??ڀني جي دلين ۾ آهي، استاد نئين نسلن جي تربيت ڪندا آهن، اسان ??ستادن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي سمورن و??ئيس چانسلرز کي دعوت ڏني هئي، هن چيو ته سمورن ميمبرن کي گهرجي ته خطاب دوران لفظن جي چونڊ درست ڪن، اسپيڪر خواجه محمد آصف جي تقرير مان ??هو لفظ حذف ڪري ڇڏيو.