اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پيرس ۾ فرانس جي صدر ??يمانوئل ميڪرون جي دعوت تي نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ?? شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??ڌا??و ته وزيراعظم سربراهي اجلاس ?? شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي فرانس ۾ آهي. هو عالمي مالياتي اداري ۾ سڌارن، موسمياتي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ??ي جيز کي حاصل ڪرڻ ۽ قرض بابت حل جي لاءِ پاڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم ڏکڻ آفريقا جي صدر ماتا ميلا سيرل راما فوسا، چين جي وزيراعظم لي يانگ ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ??رسلا وان ڊير لي يين سميت شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.