اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ترقياتي من??وبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ من??وبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ هلندڙ مالي سال ۾ ترقياي من??وبن بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، شزا فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مالي سال 24 – 2023ع ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ان تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي نوجوانن ۽ عورتن جي ترقي، زراعت، صنعت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي ترقياتي من??وبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سڄي پاڪستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ??زي??اعظم ميرٽ اسڪالرشپ جي شروعات ڪئي پئي وڃي. پوري پاڪستان ۾ ??زي??اعظم يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته ترقياتي من??وبن ۾ عوامي ڀلائي جي من??وبن کي ترجيح ڏني وڃي. سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. هلندڙ مالي سال پٺتي پيل علائقن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ من??وبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت جي شعبي جي ترقي ۽ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي من??وبي تي پڻ جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. ??زي??اعظم سمورن من??وبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ??زي??اعظم سمورن من??وبن جي مقرر مدي ۽ حڪمت عملي تي پڻ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.