اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب باجوڙ ۾ جمع??ت علماءُ اسلام (ف) جي ??رڪ??ز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصانن ??ي پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن ??ان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته باجوڙ جي علائقي خار ۾ جمع??ت علماءُ اسلام (ف) جي ??رڪ??ز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪريان ٿي، جنهن ۾ قيمتي جاني?? جو وڏو نقصان ٿيو ۽ درجنين زخمي ٿيا. پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن ??ان تعزيت ۽ افسوس ڪريون ٿا. هن چيو ته هي واقعو ثبوت آهي ته دهشتگرد?? جو مذهب صرف دهشتگردي آهي، کين انسانيت، معصوم جانين سان ڪو به تعلق نه آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جو خاتمو پاڪستان جي بقاءُ ۽ سالميت لاءِ نهايت ضروري آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.