اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمت?? جي حوالي سان ذميواراڻو فيصلو ڪندي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي نڀايو، گذريل حڪومت وانگر واعده خلافي نه ڪئي، حڪومت جو مدو ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي رهيو آهي، اسان سياسي فائدي بدران ملڪي معاشي استحڪام کي ترجيح ڏني ا?? جي ابتڙ عمران خان کي جڏهن يقين ه?? ته سندس حڪومت ختم ٿي رهي آهي ته هن سياسي فائدي جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي سبسڊي ڏئي آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورز?? ڪئي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميديا اينڊ پبليڪيشنز ۾ فارن ميڊيا ڊيجيٽل مانيٽرنگ وال جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته 15 مهينا اڳ اطلاعات واري وزارت ۾ آءِ ٽي ٽرانسفارميش?? جي شروعات ڪئي وئي، پي ٽي وي جي اندر آءِ ٽي اپ گريڊيشن، ورچوئل اسٽوڊيوز، پي ٽي وي فلڪس ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، ريديو پ??ڪس??ان جو پورو آرڪائيو ڊيجيٽلائيز ٿي چڪو آهي جڏهن ته ريڊيو پ??ڪس??ان ۾ 4 ارب رپين جو پراجيڪٽ شروع ڪيو پيو وڃي. هن چي?? ته ڊيجيٽل ريڊيو منڊيال ٽيڪنالاجي جي ذريعي ريڊيو جي نشريات شارٽ ويو ۽ اينالاگ کان ميڊيم ويو تي منتقل ٿي ويندي. ان جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري ريڊيو پ??ڪس??ا?? جي نشريات 52 ملڪن ۾ ٻڌي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اڳوڻي دور ۾ پي ٽي وي ۽ ريڊيو کي نيلام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون وينديون رهيون، انهن جو ڪو بزنس پلان ڪامياب نه ٿي رهيو هو، موجدوه حڪومت 15 مهين?? جي اندر سستي شهرت حاصل ڪرڻ جا نعرا نه هنيا پر موجوده ادار?? جي ڪارڪردگي کي موثر بڻايو آهي. هن چي?? ته مالي سال 23 – 2022ع ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪرڻ جي شروعات ٿي هئي، اڄ ان جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، فارن ميڊيا ڊيجيٽل مانيٽرنگ وال تان عالمي حالات حاضره کان آگاهي حاصل ٿيندي جڏهن ته 90 مقامي ۽ 35 عالمي ميڊيا چينلز، 15 روزاني اخبارن، 500 کان وڌيڪ ٽوئيٽر هينڊلز، 500 کان وڌيڪ فيس بڪ پيجز، 200 کان وڌيڪ يو ٽيوب چينلز ۽ 200 کان وڌيڪ انسٽاگرام ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي مانيٽرنگ ٿي سگهندي. ان کانسواءِ سمورين خبرن ۽ ادار?? جي مانيٽرنگ پڻ ڪري سگهبي. هن چي?? ته هي پهريون مانيٽرنگ سسٽم آهي جيڪو آرٽيفيشل انٽيلي جنس تي ٻڌل آهي جنهن کي مشين لرننگ ۽ زبا?? جي سڃاڻپ جي ٽيڪنالاجي سان هنيو ويو آهي. وفاقي وزير چي?? ته جيڪڏهن ميڊيا چينلز ان نظام کي استعمال ڪرڻ چاهين ته اسان انه?? جي ضرورتن کي ڏسندي پارٽنرشپ پڻ ڪري سگهون ٿا، ان کانسواءِ ريسرچ تي ڪم ڪندڙ شاگردن کي پڻ ان نظام تائين پهچ ڏئي سگهجي ٿي. منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ تي اطلاعات واري وزارت جي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪندي وفاقي وزير چي?? ته هي هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو مشين لرننگ، ريئل ٽائيم انفارميشن، آرٽيفيشل انٽيلي جنس ۽ ڊيٽا ريسرچ تي ٻڌل آهي، ان ۾ سموري ريئل ٽائيم انفارميشن ۽ ڪسٽمائيزڊ زبا?? جي سڃاڻپ جو نظام موجود آهي. مريم اورنگزيب چي?? ته اهو مانيٽرنگ سسٽم 35 کان وڌيڪ انٽرنيشنل ميڊيا چينلز ۽ سوشل ميڊيا اسپيس جي مانيٽرنگ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وفاقي وزير چي?? ته موجوده اتحادي حڪومت 15 مهين?? جي اندر معيشت سميت ملڪ جي سمورن شعبن کي مستحڪم ڪيو، 5 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي، اسان پ??ڪس??ان ري بلڊنگ جي اسٽيج تي ڇڏي وڃي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اسان 15 مهين?? جي مختصر مدي ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا، اسان سياست بدران ملڪي معيشت کي ترجيح ڏني. 15 مهينا اڳ جڏهن اسان اقتدار ۾ آيا هئاسين ته ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو هو، مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين سياست بدران ملڪ کي بچائڻ جو فيصلو ڪيو. هن چي?? ته اتحادي حڪومت ۾ ذميوار پارٽيون موجود آهن ۽ انه?? جي ترجيح ملڪي مفاد آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خان کي جڏهن خبر پئي ته بي اعتمادي رٿ جي ذريعي سندس حڪومت وڃڻ واري آهي ته هن آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورز?? ڪئي ۽ پيٽرول تي سبسڊي ڏئي پنهنجي صحيح ڪيل آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورز?? ڪئي. هن چي?? ته اسان ملڪي ساک کي بچائڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي جي لاءِ ٻيهر ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي. هن چي?? ته اسان معيشت جي اندر عمران خا?? جي وڇايل بارودي سرنگهن جو خاتمو ڪنداسين. اسان ملڪ کي ترقي جي ??ست?? تي کڻي وينداسين. وفاقي وزير چي?? ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي اضافي جا ڪيترائي سبب آهن جن مان هڪ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ اضافو به آهي جڏهن ته اسان آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي ارينجمنٽ ايگريمنٽ ۾ پڻ آهيون. هن چي?? ته اسان کي خبر آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ اسا?? جي حڪومت ختم ٿي ويندي ۽ اسا?? جي لاءِ تمام آسان ه?? ته اسان پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ ڪري ڇڏيون پر اسان آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي نه ڪئي، اسان معاهدي کي نڀايو آهي. وفاقي وزير چي?? ته 2018ع ۾ جڏهن اسان اقتدار ڇڏي وياسين ته ان وقت ملڪ ۾ 3.4 سيڪڙو تاريخ جي گهٽ ترين مهانگائي هئي، ملڪ 6.1 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهيو هو، سي پيڪ جا منصوبا هلي رهيا هئا، 14 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي هئي. هن چي?? ته اسا?? جيڪي منصوبا جنهن جڳهه تي ڇڏيا ويا هئا اتان ئي انه?? جي ٻيهر شروعات ڪئي. هن وقت اقتصادي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، اهو ئي معيشت کي ٺيڪ ڪرن جو ??ست?? آهي. هن چي?? ته موجوده حڪومت جي قدمن سان اڄ ملڪ جي هر شعبي ۾ بهتري نظر اچي رهي آهي، اتحادي حڪومت جي 15 مهين?? جي ڪارڪردگي انه?? جي چار سال?? جي ڪارڪردگي کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي. وفاقي وزير چي?? ته چي?? جي نائب وزيراعظم جو پ??ڪس??ان جو دورو موجوده حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چي?? ته عمران خان ته پنهنجي دور ۾ پاڙيسري ملڪن کي ناراض ڪيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته نگران سيٽ اپ جي حوالي سان وزيراعظم اعلان ڪري چڪو آهي ته اهو فيصلو اتحادي پارٽي?? جي مشاورت سان ٿيندو. هن چي?? ته جن وٽ جواب ناهي هوندو اهي دٻي، بالٽي ۽ ڪنستر وجهي عدالتن ۾ وڃن ٿا. هن چي?? ته عمران خان کان سوال پڇڻ گهرجي ته ڇو ملڪ کي ڏيوالپڻي طرف وٺي ويو، ڇو لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڇو آندو. هن چي?? ته پي ٽي آءِ چيئرمين اڃا به سازشن ۾ مصروف آهي. هن چي?? ته ٻوڏ دوران وفاق هر صوبي جي ڀرپور مدد ڪئي، اتحادي حڪومت ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا. هن چي?? ته گذريل 15 مهينن ۾ معاشي بحالي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي وئي، عوام جي ووٽ جي اعتماد سان انهي سفر جي ٻيهر شروعات ڪنداسين، هي مشڪل وقت به گذري ويندو، وزيراعظم ڏينهن رات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته 63 سيڪڙو آبادي جي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ناهي ڪيو ويو، 2 ڪروڙ 10 لک خاندان?? جي لاءِ بجلي مهانگي ناه?? ڪئي وئي. هن چي?? ته مسلم ليگ (ن) جيڪي واعدا عوام سان ڪيا، انهن کي پورو ڪري ڏيکاريو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز ۾ فارن ميڊيا ڊيجيٽل مانيٽرنگ وال جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ وزارت جا ٻيا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.