اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪنوينر خ??لد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ ??اڪ??ر خ??لد مقبول صديقي، ??اڪ??ر فاروق ستار، آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق ۽ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري شامل هئا. وفد ستين ڊيجيٽل آدمشماري ۾ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري بابت انهن جي تجويزن جي شموليت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ستين ڊيجيٽل آدمشماري خيريت سان مڪمل ٿي وئي ۽ نتيجن جي منظوري سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان ٿي. ملاقات ۾ مل?? جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪ??و. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پاور وارو وفاقي وزير انجنيئر خ??م دستگير به موجود هئا.