راولپنڊي-22 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سان سعودي ??رب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي اعليٰ اختياراتي فوجي وفد سان گڏ ملاقا?? ڪئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ملاقات دوران ڌرين دفاع ۽ سلامتي جي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ وفد جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽرز ۾ چ??ئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ??نرل ساحر شمشاد مرزا سان به ملاقا?? ڪئي.