اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي 17 کان 18 آڪٽوبر تائين بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون جي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت جي لاءِ چي?? جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگرا?? وزيراعظ۾ بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگرا?? وزيراعظم 18 آڪٽوبر تي ”هڪ کليل عالمي معيشت ۾ رابطي“ جي عنوان سان منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ ۽ سينيئر چيني اڳواڻ کانسواءِ فورم ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته نگرا?? وزيراعظم چين ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهم چيني واپارين سان پڻ ملاقاتون ڪندو. هو چين جي سنڪيانگ خودمختيار علائقي ارومچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو جنه?? جو مقصد واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ آ??ي. ??ن چيو ته نگرا?? وزيراعظم جو جو دورو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي 10 س??ل مڪمل ٿيڻ تي جاري تقريب?? جو حصو آهي جيڪو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آ??ي. ??گرا?? وزيراعظم چين ۾ پنهنجي مصروفيتن ۾ سي پيڪ جي اهم ڪاميابين ۽ مستقبل جي ترجيحن تي روشني وجهندو ۽ ان جي اعليٰ معيار جي ترقي کي گڏيل طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندو.