اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر پاران آڪٽوبر مهيني ۾ ڇاتيءَ جي ??ين??ر بابت سالياني ??گاهي مهم جاري آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني ??ورتن جي ان موذي مرض سان موت جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ باقاعده اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه علوي گذريل چئن سالن کان ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ??ين??ر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن سال آگاهي مهم ۾ ڇاتيءَ جي ??ين??ر جو پاڻ معائنو، جلد تشخيص ۽ وقت سر علاج کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون سان ايوان صدر بريسٽ ??ين??ر بابت معلوماتي ۽ تعليمي مواد کي بروشرز ۽ بينرز جي شڪل ۾ تيار ڪيو آهي. اها معلومات صدارتي آفيس ج?? ويب سائيٽ: http://president.gov.pk/breast-cancer-awareness-printing-material-2 تي دستياب آهي. ڇاتيءَ جو ??ين??ر هڪ عالمي مسئلو آهي، ان مرض جي شرح پاڪستان ۾ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جنهن جي ڪري ساليانو 40000 موت ۽ اٽڪل 100000 نوان ڪيسز سامهون اچن ٿا. ماهرن موجب آگاهي ۾ اضافي ۽ باقاعدگي سان اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ سان موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پاڪستاني ??ورتن جون زندگيون بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.