اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر ملاقات ڪئي. مدد علي سنڌي پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر جي آجيان ڪندي چيو ته ٻن??ي ملڪن ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن ۽ ٻن??ي ملڪن جا ماڻهو هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا. هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. مدد علي سنڌي شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪندي چيو ته خاص طور تي هنرمند پيشيوراڻي تربيت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، هن چيو ته ٻن??ي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. وفاقي وزير چ??و ته هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو جيڪو ٻن??ي ملڪن وچ ۾ مفاهمت نامي تي صحيح جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر چ??و ته ايٿوپيا جي عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي آهي، هن چيو ته يونيورسٽي سان يونيورسٽي تعون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ايٿوپيا جا ڊاڪٽر رضاڪاراڻي طور تي 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان کي مفت خدمتون فراهم ڪيون، ايٿوپيا جي سفير وفاقي وزير کي ايٿوپيا جو دورو ڪرڻ ۽ اتي طئي ٿيل ايم او يو تي صحيح ڪرڻ جي دعوت ڏني، مدد علي سنڌي چيو ته ??ي ماڻهن کي نوڪريون ڳولڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو، وفاقي وزير سفر جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ٻن??ي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي روشني وڌي، وزير چ??و ته ٻن??ي ملڪن جي گڏيل تاريخ آهي. هن چيو ته ٻن??ي ملڪن کي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرجي.