اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گهرو وزارت ۾ نئين ويزا نظام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. ان موقعي تي نگر??ن وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي به موجود هو. گهرو وزارت جي عملدارن نگر??ن وزيراعظم کي نئين ويزا نظام بابت آگاهه ڪيو. نگر??ن وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته نئين ويزا نظام تحت بزنس مينز کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ويزا جاري ڪيا ويندا ۽ ان مقصد جي لاءِ گهٽ کان گهٽ دستاويز گهربل هوندا. ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻاي?? ويو آهي ته جيئن ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي فروغ ملي. نگر??ن وزيراعظم گهرو وزارت پاران نئين ويزا نظام کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان سان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ مل??دو. نگر??ن وزيراعظم گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. نگران گهرو وزير ان موقعي تي ٻڌايو ته نادرا جي تعاون سان گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر قائم ڪي?? ويو آهي.