دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي لاءِ قائم ڪيل پا??ستان پويلين جو دورو ڪ??و. ??گران وزيراعظم کي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي لاءِ ڳالهين ۽ سهولتڪاري جي حوالي سان پا??ستان پار??ن ٿيندڙ ڪوششن بابت ٻڌايو و??و. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم کي ”ليونگ انڊس انيشي ايٽو“ بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي جيڪو سنڌو درياءَ جي قدرتي وهڪري ۽ ماحولياتي لاهن چاڙهن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت جي بحالي جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم پويلين ۾ پا??ستاني موسمياتي ماهرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان انهن جي ڪوششن کي ساراه??و. ??رڏيهي معاملن ۽ موسمياتي تبديلي وار?? نگران وفاقي وزير ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پا??ستان جو سفير پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.