لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سرڪاري آفيسر عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين، ٽيم ورڪ سان اسان ڪنهن ڪم کي بهتر طور تي سرانجام ڏئي سگهون ٿا، اس??ن جمهوريت جي لاءِ تمام وڏي جدوجهد ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول سروسز اڪيڊمي ۾ اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام تحت تربيت مڪمل ڪندڙ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي 46 آفيسرن ۾ ايوارڊز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪند?? ڪيو. ان موقعي تي سول سروسز اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل فرحان عزيز خو??جه پڻ موجود هو، تربيت مڪمل ڪندڙن ۾ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان سميت سمورن صوبن جا آفيسر شامل هئا. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ايڊمنسٽريٽو آفيسرن کي انسانيت جي ختم ڪرڻ سيکاريو وڃي ٿو، ايڊمنسٽريٽو آفيسرن کي شيرواني ۾ ڏسي خو??ي ٿي، توهان پاڻ کي منظم ڪريو ۽ خو??ي جو ڪو لمحو هٿ مان نه وڃائڻ ڏيو، توهان خو?? هوندا ته توه??ن جا خاندان به خو?? هوندا. هن تربيت مڪمل ڪندڙ آفيسرن جي لاءِ نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪندي انهن کي چيو ته اهي ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن، اڄ جو ڏينهن تربيت مڪمل ڪندڙ آفيسرن جي لاءِ هڪ عظيم ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو انهن کي سڄي زندگي ياد رهندو. صدر سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين، عوامي ڀلائي ۽ انهن کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ عوام دوست پاليسيون جوڙين ته جيئن ??ام ماڻهو جا مسئلا فوري حل ٿي سگهن. هن آفيسرن کي مخاطب ٿي چيو ته توهان سول سرونٽس ٿيڻجي ناطي معاشري جي بهتر اصلاح ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ هر وقت ڪوشش ۾ رهو ڇو ته عوام جون اميدون توهان سان واڳيل آهن. هن چيو ته سول سرونٽس ملڪي مشينري جو اهم حصو آهن جنهن کانسواءِ ملڪ اڳتي وڌي نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي معاشري جي حقيقي معنيٰ ۾ اصلاح ممڪن آهي تنهن ڪري توهان لگن ۽ محنت سان مهذب معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريو. صدر حضور پاڪ ﷺ جي سيرت طيبه، خلفاءِ راشين جي طرز حڪمراني ۽ قرآني آيتن جو حوالو ڏيندي آفيسرن کي چيو ته اهي عام انس??ن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن ۽ پنهنجا دورازا عوام جي لاءِ کليل رکن. هن چيو ته ٻين سان تعاون ڪرڻ کانسواءِ توهان خو?? نٿا رهي سگهو، خو??ي جي لاءِ هر لمحي جي ڳولا ڪريو ۽ ??ن جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي اندر نفرتون عروج تي جڏهن ته محبت جي کوٽ آهي، ننڍا ننڍا عيب ظاهر ڪيا وڃن. هن درياءَ ۽ سمنڊ جو مثال ڏيندي چيو ته درياءَ زمين کي سيراب ڪري ٿو جڏهن ته سمنڊ ۾ سڀ ڪجهه گهلي ملي وڃي ٿو. هن چيو ته سڀ کان اڳ پنهنجو پاڻ سان محبت ڪريو، ٻين بابت دل مان نفرتون ڪڍو، خاندان سان محبت جو سفر شروع ڪريو جيڪو پاڙيسرين، قوم ۽ انسانيت کان ٿيندوا الله تعاليٰ سان محبت تي وڃي ختم ٿئي. صدر چيو ته توه??ن جو لائيف اسٽائيل اهڙو هجي جو ماڻهو توه??ن جي ويجهو اچي سگهن، پنهنجي ڊيوٽي وارن علائقن ۾ جمعي جي نماز پڙهايو يا پڙهو ان سان ماڻهن سان ملاقات ڪري فاصلا گهٽ ڪري سگهجن ٿا. انسانيت سان پيار ڪرڻ جي حوالي سان صدر علامه اقبال ۽ مولانا جلال الدين رومي جي حڪايت جو به ذڪر ڪيو. آخر ۾ هن ڪورس مڪمل ڪندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪورس مڪمل ڪندڙ آفيسر پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيندا ۽ عوام کي ريليف جي فراهمي لاءِ ٺوس ۽ پائيدار پاليسيون جوڙيندا. تقريب ۾ صدر تربيت دوران نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۾ شيلڊ ورهايون، بهترين اسپورٽس پرسن جو ايوارڊ آفتاب منير ۽ عورتن ۾ ايمان ظفر، بهترين هارس رائيڊر جو ايوار?? ڪيپٽن رٽائرڊ فريد باديني، بهترين ڪنڊڪٽ جو ايوارڊ سنبل جاويد جڏهن ته بهترين اڪيڊمڪ جو ايوارڊ احسن نواز گوندل کي ڏنو ويو. نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي سلمان يوسف کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.