اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفار??خا??ن ۽ مشنز کي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ روڊ شوز منعقد ڪيا وڃن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني وڃي. اها هدايت هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مس??ود خان ۽ برطانيا ۾ پاڪستان جي هائي ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل سان ڳالهائيندي ڪئي جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مس??ود خان ۽ ڊاڪٽر محمد فيصل نگران وزيراعظم کي پنهنجي مشنز جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ۽ نگران وزيراعظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هدايت ورتيون. نگران وزيراعظم ٻنهي سفارتڪارن کي پنهنجي مشن ۾ ڪشمير مس??لي ۽ فلسطين مس??لي تي پاڪستان جي موقف کي موثر طور تي اجاگ?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم ٻنهي سفارتڪارن کي عالمي سطح تي معاشي حصيداري جي نئين ۽ منفرد موقعن جي نشاندهي ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستاني سفارتڪار ايس آئي ايف سي جي پليٽ فارم تحت شروع ڪيل منصوبن جي لاءِ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ روڊ شوز منعقد ڪن. هن چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو قومي اثاثو آهن، پاڪستاني سفار??خا??ا اوورسيز پاڪستانين کي قونصلر جي سطح تي در??يش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اوورسيز پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني وڃي.