پئرس _28 فيبروري (اي پي پي ) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد پئرس ۾ جاري فرانس انٽر نيشنل ايگريڪلچر شو ۾ شرڪت ڪئي ج??هن جو 60 هون ايڊيشن جاري آهي . پئرس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٽوئيٽ مطابق سفير زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي مختلف پيشيوراڻي ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون ?? پاڪستان جي وفاقي وزارت نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اي??ڊ ريسرچ جي وفد سان ملاقات ڪئي، ج??هن جو مقصد زرعي شعبي، لائيو اسٽاڪ جي پيداوار، تحقيق ۽ خصوصي تربيتي پروگرامن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ رابطو پيدا ڪرڻ هو . هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گذريل اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کان پيرس انٽرنيشنل ايگريڪلچرشو نه رڳو فرانس پر سموري دنيا ۾ هڪ اهم زرعي تقريب سمجهي ويندي آهي .