اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ شامل هو. ان ??وق??ي تي سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پنجاب جو اڳوڻو نگران وڏو وزير سيد محسن نقوي پڻ موجود هئا. وفد وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آصف علي زرداري وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي ۽ خو??حا??ي جي لاءِ حڪومت س??ن گڏ بيٺل رهندي. ان ??وق??ي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خدا تعاليٰ ۽ عوام جو دل سان ٿورائتو آهيان جن پاڪستان جي خدمت لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ??وق??و ڏنو. خادم پاڪستان چو??ڊج?? جي لاءِ ايوان ۾ پنهنجي اتحادي پارٽين جي اعتماد تي انهن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي ڪرم ۽ پنهنجي محنت سان پاڪستان جي ترقي ۽ خو??حا??ي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.