اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، حڪومت بشام واقعي جي اعليٰ سطحي ۽ جلد جاچ ڪري ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سخت سزا ڏيندي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني س??ارتخاني جو دورو ڪيو ۽ چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ سان بشام ۾ دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وز??ر محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ ۽ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وز??راعظم سان گڏ هئا. وز??راعظم چيو ته مون سميت پوري قوم جون همدرديون چيني شهرين جي گهرڀاتين سان آهن، پاڪستاني حڪومت واقعي جي اعليٰ سطحي ۽ جلد جاچ ڪري ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سخت سزا ڏيندي. چيني س??ير سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيني صدر ۽ چيني وز??راعظم جي لاءِ واقعي جي حوالي سان تعزيتي پيغام ڏنو. وز??راعظم چيو ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي اهڙي ڪڌي ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، سي پيڪ جي دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي بزدلاڻي حرڪت سان ان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي پر دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. چيني س??ير وز??راعظم جي س??ارتخاني اچڻ ۽ واقعي جي جاچ ۾ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا ۽ وز??راعظم جي پاڪ چين دوستي جي حوالي سان عزم کي ساراهيو.