اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي دهشتگرداڻي حملي کانپوءِ هنگامي اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سمورن رياستي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي دهشتگردي جو ڀرپور انداز ۾ مقابلو ڪرڻ جي ??زم ورجاءُ ڪيو ويو جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان واقعي جي گڏيل جاچ ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي بشام ۾ دهشتگرد حملي کانپوءِ اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن، چيف آف آرمي اسٽاف، وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل شعبن جي ??نسپيڪٽر جنرل پوليس شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ترقياتي منصوبي تي ڪم ڪندڙ معصوم شهرين تي ڪڌي حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هي منصوبو پاڪستان ۾ توانائي ۽ پاڻي جي ??حفظ جي ??والي سان آهي. وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ بيگناهه چيني شهرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي انهن کي يقين ڏياريو ته ان وحشياڻي فعل جي ڏوهارين کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم پاڪستان چين جي ??وام جي وچ ۾ ڀائيچاري جي پائيدار رشتي کي اجاگر ڪندي چيو ته پوري قوم چيني شهرين جي ??انين جي ??يان تي ڏکويل آهي. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ مقامي ماڻهن پاران حملي تي فوري ردعمل کي ساراهيو جنهن ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين کي بچايو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رياست جي ??مورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ان واقعي جي گڏيل جاچ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي خطرو آهي جنهن کي پاڪستان جي ??شمنن پاڪستان جي ??رقي ۽ خوشحالي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي لاءِ استعمال ڪيو آهي، پاڪ چين دوستي کي نشانو بڻائيندڙن جي ??نهن قدمن ??و مقصد ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ عدم اعتماد پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس جي ??رڪت ڪندڙن ملڪ مان دهشتگردي کي مڪمل طور تي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙ سرحد پار دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگردي ??و مقابلو ڪرڻ جي لاءِ علائقائي موقف جي ??رورت تي زور ڏن??. ا??لاس دوران چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ملڪ کي درپيش دهشتگردي جي لعنت جي ??اتمي جي لاءِ هٿياربند فوج جي ??زم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته قوم گذريل ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي جي ??لاف جنگ وڙهي رهي آهي ۽ پاڪستان جي ??شمنن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو آهي. آرمي چيف دهشتگردي جي واقعن ۾ تازي اضافي جي ??والي سان چيو ته پاڪستان جي ??شمنن هڪ ڀيرو ٻي??ر رياست ۽ پاڪستان جي ??وام جي ??وصلي ۽ عزم جو غلط اندازو لڳايو آهي. هن چيو ته اسان دهشتگردي جي ??لاف ان وقت تائين جنگ وڙهنداسين جيستائين پاڪستان، ان جي ??وام ۽ هتي ڪم ڪندڙ غيرملڪي مهمانن تي بري نظر رکندڙ هر دهشتگرد جو خاتمو نٿو ٿي وڃي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين ته هر غيرملڪي شهري خاص طور تي چيني شهري جيڪي پاڪستان جي ??وشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پاڪستان ۾ محفوظ رهن، اسان پوري طاقت سان دهشتگردي جو آخري دم تائين مقابلو ڪنداسين. اجلاس جي ??رڪت ڪندڙن رياست جي ??مورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي دهشتگردي ??و مقابلو ڪرڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو.