اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا اڊيالا مان ملڪ دشمني جي گائيڊ لائين وٺي رهيا آهن، ڪنهن کي پا??ست??ن تي ??نقيد ۽ پرڏيهي پاليسي تي ??ملي آور ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پرڏيهي پاليسي سان کيڏڻ عمران خان جو شيوو رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو هائوس جو ڌيان پا??ست??ن جي ??فاد ۾ سان واڳيل پاليسي جي ??حاذ طرف ڇڪرائڻ چاهي ٿو. پرڏيهي پاليسي هڪ حساس موضوع آهي، گذريل ڏينهن صدر جي خطاب دوران جيڪو هن ايوان ۾ ٿيو، افسوسناڪ هو، ماضي ۾ هن هائوس جي روايت رهي آهي ته اپوزيشن پاران علامتي ??حتجاج ڪيو ويندو هو ان کانپوءِ ايوان ۾ ويهي تقرير ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه گيلريز ۾ غيرملڪي سفارتڪار به موجود هئا ۽ انهن جي ??وجودگي ۾ ايوان جي اندر باجا وڄايا ويا، اپوزيشن ايوان جي اندر غلط روايتون وجهي رهي آهي، ماضي ۾ اهڙي طرح ايوان جو ماحول ڪڏهن خراب نه ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن به دوست ملڪن پاران پا??ست??ن جي دوري تي وفد اچن ٿا يا سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪو اشارو ڏنو وڃي ٿو ته مُخالف ڌر پاران پا??ست??ن جي دوست ملڪن جي حوالي سان مختلف قسم جا بيان سامهون اچن ٿا. پي ي آءِ جي ??ڪ ميمبر پاران هڪ بيان ڏنو وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ ان جي ??نهنجي ئي پارٽي ان جي ترديد ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي تنقيد ڪرڻي آهي ته منهنجي ذات تي ??ريو، منهنجي ??ارٽي تي ??ريو، اسان جي ??ڪ هڪ ميمبر تي ??ريو، پر پا??ست??ن تي ??نقيد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳ ۾ به آمريڪي سازش جو بيانيو ٺاهيو ۽ چيو ته اسان ڪو غلام آهيون، آمريڪي سازش جي ??تيجي ۾ اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي آهي، ان کانپوءِ انهي بيانيي تي هن يوٽرن ورتو. وفاقي وزير چيو ته انهن جي ??يڊر جو شيوو رهيو آهي ته پرڏيهي پاليسي سان کيڏڻو آهي، سڀني کي اها آڊيو ياد هوندي جنهن ۾ هن چيو هو ته اسان ان بيانيي سان کيڏڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ سائفر سان کيڏي پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي رابطي ڪاري ۽ رابطي جي ڳجهي نظام کي خطري ۾ وڌو، سائفر هڪ ڳجهو دستاويز هوندو آهي، ان جو هڪ تقدس هوندو آهي، هن پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڪميونيڪشن نظام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. هن چيو ته پا??ست??ن جي دوست ملڪن جي خلاف بي بنياد الزام هنيا، هي اڳ ۾ اهڙي طرح جا بيان ڏيارين ٿا ۽ ان کانپوءِ ان جا ترجمان انهن جي ترديد ڪن ٿا. هن چيو ته ڪهڙي ضرورت پيش اچي ته پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽ تان ترديد ڪئي وڃي ته اسان جي ??اضل ميمبر ڪنهن دوست ملڪ بابت جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها غلط هئي. هن چيو ته پا??ست??ن اڳتي وڌي رهيو آهي، معيشت جي حوالي سان مثبت خبرون اچي رهيون آهن، بلومبرگ، يو اين ڊي پي، ايشيائي ترقياتي ??ئنڪ ۽ ٻيا عالمي مالياتي ??دارا تسليم ڪري رهيا اهن ته پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ملڪ جي ??رڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي جو خاتمو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته اسان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته هن هائوس جي اندر دوست ملڪن جي حوالي سان گڏيل قرارداد آندي وڃي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ملڪ دشمني جي ذريعي ملڪ کي جيڪو نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها انهن جي ??يڊر جي ??دايت تي ??ئي پئي وڃي، انهن کي اڊيالا کان آرڊر اچي ٿو ته ڪنهن به دوست ملڪ جي خلاف ڳالهه ڪريو، ان کانپوءِ اهي پاڻ ان جي ترديد ڪرائين ٿا، پرڏيهي پاليسي تي ??نهن به قسم جو ٺاهه ڪرڻ، ان کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪوڙي بيانيي جي اجازت نه ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ته اڊيالا جيل ۾ ويهي اهي ملڪ دشمن بيانيو هلي رهيو آهي جنهن تحت 9 مئي تي ملڪي دفاع تي ??ملا ڪيا هئا ۽ هاڻي ملڪ جي ??رڏيهي پاليسي تي ??ملو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن جي ??طعي طور تي ??جازت نه ڏني ويندي، هي ملڪ سڀ کان مٿاهُون آهي ۽ سياسي پارٽيون ان کانپوءِ اچن ٿيون.