اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر، ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار او??لو کي نشان پاڪستان (ملٽري) سا?? نوازيو. ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ٿي. پاڪ فوج جي سربراهه جن??ل سيد عاصم منير، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، ٽنهي هٿياربند فوج جي آفيسرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري اعليٰ ذهانت رکندڙ آفيسر، بهترين انتظامي خوبين، بهادر ۽ پيشيواراڻي طور تي قابل آفيسر هجڻ تي نشان پاڪستان (ملٽري) جو اعزاز ع??ا ڪيو. اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪ فوج جي سربراهه جن??ل سيد عاصم منير، ترڪيه هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته جن??ل سيلڪوڪ بيراڪتار او??لو 1993?? ۾ ??رمي وار ڪاليج ۽ 1997?? ۾ ??رمڊ فورسز ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. هن پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران مختلف اسٽاف ۽ ڪمانڊ عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس شاندار خدمتن ۽ ڪارنامن جي اعتراف ۾ کيس 2021ع ۾ جن??ل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ۽ آگسٽ 2023?? ۾ ??رڪ لينڊ فورسز جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو.