بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ قومي ترقي جي ايجنڊا جي لاءِ نظرين ۽ صلاحيت کي استعمال ۾ آندو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ پاڪستاني پيشيور ماڻ??ن ۽ شاگردن جي هڪ انٽر ايڪٽو سيشن ۾ ڪيو. بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ چين ۾ رهندڙ پاڪستاني پيشيور ماڻ??ن ۽ شاگردن جي هڪ گروپ کي گڏ ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پاڪستان سان اڻٿڪ وفاداري ۽ وابستگي، ان جي غيرمعمولي قابليت، هنر ۽ پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي سماجي اقتصادي ترقي ۾ انمول حصيداري تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ساراهيو. هن پاڪستان حڪومت جي ٺوس سڌاراجاتي ايجنڊا جو خاڪو پيش ڪيو ۽ چيو ته خاڪي جو مقصد ا??ڳاڙين ۾ اضافي، ڪفايت شعاري کي فروغ ڏيڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري کي استعمال ۾ آڻي اقتصادي ترقي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ قومي ترقي جي ايجنڊا جي لاءِ ان??ن جي نظرين ۽ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار ٻڌندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. هن قومي اهميت جي ڪيترن ئي مسئلن خاص طور تي پاڪستان جي سماجي اقتصادي ترقي، پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي اهم ڪردار جي حوالي سان تجويزن جو نوٽيس ورتو ۽ ٻڌندڙن جي قيمتي بصيرت کي ساراهيندي هن پاڪستاني پروفيشنلز ۽ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي. اسحاق ڊار چيو ته چين ۾ پ??هن??ي پ??هن??ي ادارن ۽ ڪميونٽيز ۾ پاڻ کي پاڪستان جو نمائندو سمج??ن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي پل جو ڪم ڪن.