اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي س??براهن جي اجلاس جي ميزباني ڪندو، آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس کان اڳ هڪ وزارتي اجلاس ۽ اعليٰ عملدارن جي ميٽنگز جا ڪيترائي دور ٿيندا جنهن ۾ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مالي، اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ انساني تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته 2024ع پاڪستان ۽ ايس سي او لاڳاپن جي هڪ اهم سنگ ميل آهي ڇو ته پاڪستان وٽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي گردشي چيئرمين شپ آهي، جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز فورم آهي. ان حيثيت ۾ پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي س??براهن جي اجلاس جي ميزباني ڪندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب ڪندو، وزيراعظم اهم علائ??ائ?? ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ۾ آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ آهن. ترجمان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي س??براهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائ??ائ?? ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائ??ائ?? رابطن ۽ تعاون کي اهميت ڏي ٿو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن آذ??با??يجان جي صدر الهام حيدر عليوف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي س??براهي اجلاس جي موقعي تي اڳ ۾ پاڪستان – آذ??با??يجان – ترڪيه ٽه ڌريي س??براهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٽنهي اڳواڻن واپار، توانائي، سياحت، ثقافت، تعليم، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ ماحولياتي تعاون جهڙن شعبن تي ڌيان ڏيندي ٽه ڌريي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته هي س??براهي اجلاس پرڏيهي وزيرن، پارليامينٽ جي اسپيڪرن ۽ دفاعي عملدارن جي س??ح تي ٽه ڌريي مشاورت کانپوءِ ٿيندو آهي.