اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پروٽيڪٽيڊ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ سڀني ڊسڪوز جي ڊيٽا طلب ڪئي آهي. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ??دارت هيٺ گهرو وزارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو. محسن نقوي پروٽيڪٽڊ صارفين کي نان پروٽيڪٽڊ ڪيٽگري ۾ شامل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايف آءِ اي جي ??مورن ڊائريڪٽرز کي ڊسڪوز جي ڊيٽا کي چيڪ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. هن 3 ڏينهن ۾ ايف آءِ اي ڊائريڪٽرز کي سموريون شاهديون گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. گهرو وزير چيو ته سڀني شاهدين جي ??امع رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي، پروٽيڪٽيڊ صارفين سان ناانصافي جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي. محسن قوي ايڊيشنل ڊي جي ??يف آءِ اي نارٿ کي پشاور، لاهور، گوجر??نو??لا ۽ فيصل آباد پاڻ وڃي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ ڊيٽا ج??ع ڪرڻ جي ??دايت ڪئي ۽ چيو ته شاهدين جو جائزو وٺي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اوور بلنگ جي ??عاملي جو جائزو ورتو ويو. ايف آءِ اي اختيارين اوور بلنگ تي بريفنگ ڏني. گهرو وفاقي سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ??يف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ??يف آءِ اي نارٿ ۽ لاڳاپيل اختيارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايف آءِ اي جا سمورا ڊائريڪٽرز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.