اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ور??ي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار جي سرغني آخرڪار 9 مئي جي واقعي ۾ سهولتڪاري ۽ منصوبابندي جي جرم جو اعتراف ڪري ور??و، ان شرپسند انتشاري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پي ٽي آءِ جي سياست سدائين تشدد ۽ شرپسندي جي ذريعي رياست کي نقصان پهچائڻ جي چوڌاري گهمندي رهي آهي. هن سدائين لاشن تي سياست ڪئي، 9 مئي تي 200 کان وڌيڪ فوجي ٺڪاڻن ۽ جي ايڇ ڪ??و تي حملا ڪيا، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران عمران نيازي جي خاندان جا ماڻهو موجود هئا جيڪي حملن جون هدايتون ڏيندا رهيا. هن چ??و ته زمان پارڪ دهشتگردن جو تربيتي هيڊڪوارٽر بڻيل رهيو جتي پيٽرول بم تيار ڪيا ويندا ۽ سياست تي حملي جي تربيت ڏني ويندي رهي. وفاقي وزير چ??و ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ، ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرائ??، سائفر ڦڙڪائڻ جي سازش کان وٺي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، هن هر اهو ڪم ڪيو جيڪو ملڪ دشمن به نه ڪري سگهيو. عطاءُ الله تارڙ چ??و ته ان شرپسند، انتشاري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي.