ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ واري ڏينهن ڀارت عالمي قانون پائمال ڪندي هڪ طرفو قدم کنيو، اهو قدم تڪراري علائقي تي غاصباڻي قبضي لاءِ کنيو ويو. والاريل ڪشمير ۾ عوام جي حقن کان انڪار ڀارت جو غيرقانوني عمل آهي پر ڀارت ڪشميري عوام جي آزادي جي تڙپ کي گهٽائي نه ٿو سگهي، اها ڀارتي رياستي دهشتگردي آهي جيڪا حقيقت کي تبديل نه ٿي ڪري سگهي. غيررياستي ماڻهن کي آباد ڪ??ي کين ڊوميسائيل ٺاهي ڏنا ويا، چونڊن وارين فهرستن ۾ غير رياستي ماڻهن جو شمار ڪري نوان نوان حربا استعمال ڪيا ويا. والاريل ڪشمير جي تاريخ کي ??ند??تان جبر وسيلي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي سڄي قوم والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. خ??دا??اديت واري حق لاءِ ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ڪندا ر??ند??سين. والاريل ڪشمير جي ڀائرن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. ??ند??تان ڪشميري عوام کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو. عالمي برادري ??ند??تان جي غيرقانوني قدم جو نوٽيس ??ٺي. گورنر عالمي برادري تي زور ڀريو ته جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي هڪ به پاڪستاني چين سان نه ويهندو. پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي جدوجهد ۽ حق خ??دا??اديت جي هرممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.