نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪ صد?? گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين ج?? مسئلو موثر انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن سڄي هال ۾ موجود ماڻهن ج?? دلين کي موهي ورتو، اسان معاشي چئلينجن کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سان حڪومت ۽ سڀني ادارن ج?? گڏيل ڪوششن سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ترڪ صد?? رجب طيب اردوان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ گڏيل قومن ۾ ترڪ صد?? انتهائي پرجوش خطاب ڪيو. ترڪ صد?? سان ملاقات ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ترڪ صد?? فلسطين ج?? مسئلو جهڙي طرح بيان ڪيو، ان سان سڄي هال ۾ موجود ماڻهن ج?? دلين کي موهي ورتو آهي. وزيراعظم ترڪ صد?? کي س??دس خطاب تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪ صد?? سان ڀائراڻن لاڳاپن ج?? سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ترڪ صد?? جلد ئي پاڪستان ج?? دورو ڪندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سڀاڻي آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس آهي. آءِ ايم ايف جون شرطون سخت هيون پر اسان اهي سڀئي شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيندي چيو ته انهن ج?? تعاون کانسواءِ اهو ممڪن نه هو. آءِ ايم ايف معاهدو حتمي مرحل?? ۾ ??هي. وزيراعظم ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي ڪجهه شرطن ج?? تعلق چين سان هو، چيني حڪومت ماضي وانگر ٻيهر پاڪستان ج?? هٿ مضبوط ڪيو. چيني قيادت جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته اسان معاشي چئلينجن کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سان حڪومت ۽ سڀني ادارن ج?? گڏيل ڪوششن سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي، معاشي انگن اکرن ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان ج?? رخ صحيح رکي ۽ اسان کي پاڪستان ج?? عوام جي هر ممڪن خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.