اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ??رڻ تي س??ڪي??رٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته س??ڪي??رٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري 8 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته س??ڪي??رٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. س??ڪي??رٽي فورسز جا بهادر جوان اسان جو فخر آهن ۽ انهن جي پيشيوراڻي ص??احيتن تي فخر آهي. هن چيو ته فتنه الخوارج جا دهشتگرد ڌرتي تي بار آهن ۽ قوم جي حمايت سان هن ڌرتي تان خوارجي دهشتگردن جو خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پوري قوم س??ڪي??رٽي فورسز سان گڏ آهي.