اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبرشپ سان پاڪستان جي معيشت ک?? عالمي معيشت سان مربوط ڪرڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ واپار کي هٿ?? ڏيڻ جا موقعا دستياب ٿيندا، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقي تي هاڪاري اثر پئجي سگ??ن ٿا. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو ميمبر هجڻ ۽ ان جي اجلاسن جي ميزباني ڪرڻ پاڪستان جي معيشت ??ي ڪيترائي مثبت اثر وجهي سگ??ن ٿا.ايس سي او اهم علائقائي تنظيم آهي جنهن جي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت ۽ مرڪزي ايشيائي رياستون شامل آهن، جيڪ?? عالمي معيشتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايس سي او جي پليٽ فارم تي توانائي جي شعبي م سهڪار کي هٿي وٺائي سگ??جي ٿي، جيئن ته گئس ۽ تيل جي معاهدا جن سان پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هنن چيو ته ايس سي او ذريعي پاڪستان کي علائقائي رابطي جي منصوبن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملي ٿو، جيئن ته روڊ، ريلويز ۽ بندرگاهن جي تعمير جهڙا منصوبا واپاري اچ وڃ کي آسان بڻائي سگ??ن ٿا ۽ علائقائي واپار ۾ اضافو ڪري سگ??جي ٿو.