اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي پرڏيهي وز??ر سبرامنيم جي شنڪر شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي وز??راعظم محمد شهباز شريف، نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار ۽ پاڪستان حڪومت پاران مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ جي شنڪر چيو ته اسلام آباد مان روانو ٿي رهيو آهيان. ”آئون وز??راعظم محمد شهباز شريف، نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار ۽ پاڪستان جي حڪومت ج?? مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪريان ٿو.“ واضح رهي ته ڀارتي پرڏيهي وز??ر ايس جي شنڪر اڱاري ڏينهن پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد پهتو هو جتي هن شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي. هن اسلام آباد مان روانو ٿيڻ جي پنهنجي تصوير پڻ شيئر ڪئي.