اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چ??ني سفارتخاني ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ س??ن ملاقات ڪئي جنھن ۾ ھن ڪراچي ۾ گارڊ جي فائرنگ سبب ٻن چيني شھرين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جو اظھار ڪيو ۽ زخمي چ??ني شھرين ۽ سندن گھرڀاتين سان دلي ھمدردي جو اظھار ڪيو. گھرو وزير محسن نقوي واقعي جي تفصيلن ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي بابت چيني سفير کي آگاهه ڪيو. گھرو وزارت جي ترجم??ن مطابق گھرو وزير محسن نقوي چ??ن جي سفير، چيني حڪومت ۽ زخمي چ??ني شھرين جي گھرڀاتين س??ن مڪمل يڪجھتي جو اظھار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي آھي. سن??س چوڻ آھي ته اسان ترقي ۽ سيڪيورٽي کي جامع ڪرڻ جي چ??ني تصور سان پوري طرح متفق آھيون، چيني شھرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ اسان جي پھرين ترجيح آھي. گھرو وزير محسن نقوي چ??و ته سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي لاءِ سمورن امڪاني قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بھتر ۽ مضبوط پڻ بڻائي رھيا آھيون ته جيئن چيني شھرين لاءِ محفوظ ۽ پرامن ماحول کي يقيني بڻائي سگھون. گھرو وزير چيو ته اسان ڪراچي واقعي ۾ ملوث ڏوھارين کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ بيھارينداسين، پاڪس??ان ۽ چين مضبوط ۽ پائيدار شراڪتدار آھن. ملاقات دوران ايندڙ وقت ۾ اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو. چيني سفير چيو ته گڏيل ڪوششن ??بب پاڪ چين دوستي مسلسل بلندي ڏانھن وڃي رھي آھي ۽ عملي سھڪار ۾ جامع اڳڀرائي ٿي آھي، ان روشني ۾ ھڪ محفوظ ۽ مستحڪم سھڪار جو ماحول انتھائي اھم آھي. ھن چيو ته چين ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستاني ادارن جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ تيار آھي. چيني سفير چين جي وزيراعظم جي پاڪس??ان دوري جي موقعي تي شاندار انتظامن تي گھرو وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو. چيني سفير صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صحت بابت پڻ پڇيو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواھشن ??و اظھار ڪيو. چيني سفير ٻڌايو ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪس??ان جي صدر کي خط لکي نيڪ خواھشن ??و اظھار ڪيو آھي. وفاقي گھرو سيڪريٽري ۽ چيني سفارتخاني جا عملدار پڻ ??ن موقعي تي موجود ھئا.