گڏيل قومون-08 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي فرسٽ ڪميٽي هٿيارن ۾ گهٽتائي بابت پاڪستان طرفان پيش ڪيل 4 قراردادن جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو مقصد علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ آهي، اهي ٺهراءَ انهن هدف?? کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. اهي ٺهراءَ گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ عالمي سلامتي بابت فرسٽ ڪميٽي طرفان منظور ڪيون ويون، جن ۾ ٽن قرارداد?? کي ميمبر ملڪن طرفان ان باجود زبردست حمايت حاصل ٿي ته عالمي سطح تي ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ ۽ ان ۾ گهٽتائي جي حوالي سان چئلينجز سامهون آهن، اميد آهي ته انهن قراردادن جي مسود?? کي توثيق لاءِ ايندڙ مهيني جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. ٺهراءَ علائقائي سطح تي هٿيارن ۾ گهٽتائي، علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطحن تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول سان گڏوگڏ علائقائي ۽ ذيلي علائقائي ??وش??ي ۾ اعتماد سازي جي قدمن (سي بي ايمز) بابت آهن. علائقائي هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي ۽ ذيلي علائقائي جي ??وش??ي ۾ اعتماد سازي جي قدمن جي عنوان سان قراردادون اتفاق راءِ سان منظور ڪيون ويون. علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطح تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول جي عنوان سان قرارداد جي متن جي حق ۾ 179 وو?? ۽ مخالفت ۾ صرف هڪ وو?? پيو جيڪو ڀارت جو هو. ان کانسواءِ اسرائيل قراردادن تي وو??نگ ۾ حصو نه ورتو. عالمي برادري طرفان قراردادن لاءِ زبردست حمايت هڪ ئي خطي يا ذيلي خطي ۾ واقع رياستن جي دفاعي صلاحيتن ۾ روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول، تحمل ۽ توازن لاءِ پاڪستان جي وڪالت جي اعتراف جي عڪاسي ڪري ٿي. گڏيل قومن جي سفارتڪارن، علائقائي هٿيارن ۾ گهٽتائي، روايتي هٿيارن تي ضابطو ۽ اعتماد سازي جي قدمن (سي بي ايمز) جي هدف?? کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته قراردادون عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ اعتماد سازي لاءِ علائقائي ۽ عالمي موقف جي اهميت ?? تڪميل کي تسليم ڪريون ٿا. علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطح تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول بابت قرارداد ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته رياستن جي دفاعي صلاحيتن ۾ توازن برقرار رکڻ سان امن ۽ استحڪام مضبوط ٿئي ٿو. ان کان اڳ پاڪستان جي قرارداد جنهن جي عنوان ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي خطري خلاف ايٽمي هٿيار رکندڙ رياست?? کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر عالمي انتظامن جي تڪميل جي حق ۾ 117 وو?? پيا، مخالفت ۾ ڪو به وو?? نه پيو جڏهن ته 64 ميمبر ملڪن وو??نگ ۾ حصو نه ورتو. متن ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي خطري خلاف غير ايٽمي هٿيار رکندڙ رياست?? کي قانوني طور تي حفاظتي قدمن جي خاطري فراهم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.