اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي اسپين وام ۾ فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ۽ 2 کي زخمي حالت م گرفتار ڪرڻ تي سي??يورٽ?? فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم کي پنهنجي سي??يورٽ?? فورسز جي جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان گذريل ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فتنه الخوارج جي مڪروهه عزمن کي اهڙي طرح مٽي ۾ مل??ئينداسين، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي.