اسلام آباد-15 نو??بر (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وفاقي حڪومت جي پاليسي گائيڊ ??ائنز موجب سوئي ڪمپنين جي نو??بر لاءِ ري گيسيفائيڊ ??يڪوئڊ نيچرن گيس (آر ايل اين جي) جي قيمتن جو تعين ڪري واڌ ڪري ڇڏي، جيڪا پهرين نو??بر 2024ع کان لاڳو هُوندي. اوگرا جي ترجمان عمران غزنوي جاري بيان موجب آر ايل اين جي قيمتن ۾ بنيادي طور تي واڌ ڊليوري ايڪس شپ (ڊي اي ايس) جي قيمت ۾ واڌ سبب ٿئي ٿو. هن ٻُڌايو ته ايس اين جي پي ايل جي صارفين لاءِ قيمتن ۾ گذريل مهيني آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ آر ايل اين جي قيمت ۾ 2.49 سيڪڙو يا 0.3216 ڊالر في ??يم ??يم بي ٽي يو واڌ ٿي آهي جڏهن ته ايس ايس جي سي ايل صارفين لاءِ قيمتن ۾ گذريل مهيني آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ 0.3346 ڊالر في ??يم ??يم بي ٽي يو يا 2.68 سيڪڙو واڌ آهي. اوگرا ڪالهه جاري پنهنجي نو??يفڪيشن ۾ ايس اين جي پي ايل صارفين لاءِ آر ايل اين جي سراسر وِڪري جي قيمت 13.2609 ڊالر في ??يم ??يم بي ٽي يو ۽ ايس ايس جي سي ايل صارفين لاءِ 12.8005 ڊالر في ??يم ??يم بي ٽي يو مقرر ڪئي آهي. ترجمان چيو ته آڪٽوبر مهيني لاءِ ريگيوليٽر ايس اين جي پي ايل صارفين لاءِ آر ايل اين جي ڊسٽري بيوشن قيمت 12.9393 ڊالر/??يم ??يم بي ٽي يو ۽ ايس ايس جي سي ايل صارفين لاءِ 12.4659 ڊالر/??يم ??يم بي ٽي يو طور تي نو??يفاءِ ڪئي وئي هئي. آر ايل اين جي قيمتن جو نو??يفڪيشن اوگرا ويب سائٽ تي موجود آهي.