اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرينگر هاءِ ??ي تي احتجاجين طرفان رينجرز ۽ پولي?? اهلڪارن جي گاڏي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولو قانون لا??و ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي، پاڪستان ڪنهن به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ ج??ڳي ناهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ گاڏي سان لتاڙيل رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي دلي غم ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن ۽ سندن ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي جلد نشاندهي ڪري کين واقعي جو ذميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ ج?? هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل رنيجرز ۽ پولي?? اهلڪارن کي بهترين طب?? سهولتون فراهم ڪرڻ ج?? به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن تي حملا مذمت جوڳا آهن، ڏڦيڙي ٽولو قانون لاڳ ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي. پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهر ۾ امن و امان لا??و ڪرڻ لاءِ ??قرر ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولي هٿان شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن جون زندگيون تباهه ڪيون ويون آهن، ڏڦيڙي ٽولو گذريل ڏينهن پولي?? اهلڪارن ۽ اڄ رينجرز جي اهلڪارن کي شهيد ڪري معصوم ٻارڙن ۽ سندن ڪٽنبن آڏو جوابده آهي. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولو انقلاب نه رتوڇاڻ چاهي ٿو، هي پرامن احتجاج ناهي شدت پسندي آهي ۽ پاڪستان ڪو به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ ج??ڳي ناهي ۽ انتهائي مذمت جوڳي آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيد ٿيل رينجرز ۽ پولي?? اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.