اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ جز??ي جهڙالي رهڻ ??انسواءِ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان هلڪي برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي، پنجاب جي ڪجهه ميداني ع??ائقن ۾ هلڪو ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ اربع ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي جڏهن ته اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. پنجاب جي ڪجهه ميداني ع??ائقن ۽ اپر سنڌ ۾ صبح / رات جي وقت ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، پنجاب، اپر سنڌ ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته جبلن تي برفباري ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گ??مي پد ليه ڪاٽو 08، گوپس، هنزه ۾ ڪاٽو 03، اسڪردو ۾ ڪاٽو 02 ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 01 ڊگري ??ين??ي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.