اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار 500 ڪيوسڪ ?? هيٺانهون وهڪرو 30 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 21 هزار 200 ڪيوسڪ ?? هيٺاهون وهڪرو 12 هزار 200 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي هيٺانهون وهڪرو 15 هزار 800 ڪيوسڪ ?? هيٺانهون وهڪرو 15 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 هزار 400 ڪيوسڪ ?? هيٺانهون وهڪرو 25 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 هزار 800 ڪيوسڪ ?? هيٺانهون وهڪرو 2 هزار ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موج??ده سطح 1472.27 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخير?? ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.936 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موج??ده سطح 1135.50 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخير?? ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.186 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موج??ده سطح 641.60 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخير?? ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.055 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.