اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني ڊاڪٽر منم??هن سنگهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ڊاڪٽر منم??هن سنگهه جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو. پاڪستان جي چڪوال ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽر منم??هن سنگهه هڪ ناليوارو اقتصاديات جو ماهر ۽ سياسي اڳواڻ هو. آنجهاني کي سن??س دانشمندي ۽ نرم مزاجي جي طور تي ياد رکيو ويندو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اقتصاديات جي ميدان ۾ پنهنجي نمايان ڪاميابين کان هٽي ڪري ڊاڪٽر منم??هن سنگهه علائقائي امن جي فروغ جي لاءِ عزم رکندو هو، علائقائي مسئلن تي سن??س مو??ف سن??س ان يقين جي عڪاسي ڪندو هو ته گڏيل افهام تفهيم، ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون گڏيل ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن بطور وزيراعظم پنهنجي دور ۾ پاڪ ڀارت ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ذڪر جوڳو ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڊاڪٽر منم??هن سنگهه جي گهرڀاتين ۽ ڀارتي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.