اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌا??ن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر اقبال چيو آهي ته پائيدار امن ۽ ترقي جو عمل پاليسين جي تسلسل ۽ سڌارن سان ڳنڍيل آهي، اسان کي خوشحالي جي ??نزل حاصل ڪرڻ لاءِ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ اڳتي وڌڻو پوندو. اهڙو اظهار هن ستين زراعت شماري جي افتتاح جي ??وقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وڏا تجربا ٿي چڪا، اسان کي خوشحالي جي ??نزل حاصل ڪرڻ لاءِ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ اڳتي وڌڻو پوندو، قدرت پاڪستان کي انتهائي قيمتي وسيلن سان نوازيو آهي، اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪندي گ??يل ڪوششن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. هن چيو ته اسان ماضي ۾ ڪيترائي موقعا ضايع ڪيا آهن، پاڪستان ۽ ٻين ڪامياب ملڪن ۾ فرق اهو هو ته انهن ملڪن امن ۽ استحڪام، پاليسين جي تسلسل سان گڏ سڌارن جي رستي تي گامزن ٿي پنهنجي ??لڪن جي ??سمت کي بدلائي ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته اسان هن ملڪ ۾ فساد، انتشار، عدم استحڪام سان گڏوگڏ ڇڪتاڻ واري سياست ۾ الجهيل رهياسين، ڪنهن حڪومت کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو، ڪنهن منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته ان کان پهرين اسان ويزن 2010ع لانچ ڪيو، اهو اڌورو رهجي ??يو، ويزن 2025ع لانچ ڪيو اهو به اڌورو رهجي ??يو، هاڻي اسان وٽ اهڙي طرح جا تجربا ڪرڻ ۽ غلطيون ورجائڻ جو وقت ناهي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ڊجيٽل زراعت شماري ??عت??اد جوڳي ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا سازي ۾ مددگار ثابت ٿيندي جنهن سان وڌندڙ آبادي موجب قومي زرعي پيداوار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ لاءِ زراعت تي ٻڌل انگن اکرن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڻمرادي مقامي نظام متعارف ڪرائڻ تي پاڪستان جي شماريات کاتي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ مختلف شعبن جي ??شاندهي ۽ بهتر پيداوار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري وسيلن جي ??راهمي ذريعي حاصل ڪيل انگ اکر قومي زرعي پاليسين جي جوڙجڪ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن چيو ته ڊجيٽل زراعت شماري سان جوڙيل انگ اکر قومي زرعي پيداوار کي هٿي ڏيڻ، آبادگار طبقي جي بهتري ۽ انهن جي ??جموعي ڀلائي ۽ ترقي کي بهتر بڻائڻ ۾ پڻ مدد فراهم ڪندا.